چار مقالا (ڪتاب)

چار مقالا (ڪتاب)

چار مقالا (ڪتاب)

چار مقالا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري تعليمدان محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو چئن تحقيقي مقالن: (1) ’ناول‘، (2) ’ڊرامي‘، (3) ’ افساني‘ ۽ (4) ’مضمون‘ تي مشتمل آهي. هي مقالا موضوع جي اعتبار کان سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. جيڪي ڄاڻايل نثري صنفن جي ارتقا، وصف، پسمنظر ۽ تاريخ بابت لکيل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو مئي 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري پاران شايع ٿيل آهي. ڪرائون سائيز ۾ ڪچي جلد سان ڇپيل هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ ڪُل 88 صفحا آهن. ڪتاب جي قيمت 35 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو